اردشير ڪائوسجي

اردشير ڪائوسجي

اردشير ڪائوسجي

اردشير ڪائوسجي: اردشير ڪائوسجي نامور صحافي ۽ واپاري شخصيت آهي. ڪراچيءَ جي هڪ قديم، معزز پارسي خاندان ۾ 13 اپريل 1926ع تي ڄائو. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو اباڻو ڌنڌو ۽ سامونڊي واپار شروع ڪيائين. هن جي پنهنجي هڪ شپنگ ڪمپني هئي، 1986ع ۾ روزاني ”ڊان“ (DAWN) ۾ ان وقت جي حالتن تي، ايڊيٽر جي نالي خط لکڻ شروع ڪيائين. هن جا خط منفرد خيالن ۽ اسلوب تحرير جي تکائيءَ سبب، سياست ۽ دانش جي صاحبن ۽ وڏن وڏن نامور ڪالم نگارن کان به وڌيڪ شهرت حاصل ڪري چڪا آهن. ”ڊان“ جي ايڊيٽر جي فرمائش تي هن هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيا. سندس پهريون ڪالم ئي تحرير جي آزاديءَ متعلق هو. پنهنجن سياسي ڪالمن سبب، ڪيترائي دفعا توهين عدالت جو ڏوهاري بڻجي، سپريم ڪورٽ آڏو پيش ٿي چڪو آهي. اردو ۽ سنڌي اخبارون هن جي هر ڪالم جو ترجمو شايع ڪنديون رهنديون آهن. اردشير کي مغربي ملڪن جي آرٽ جا شاهڪار جمع ڪرڻ جو به شوق هو. اردشير ڪائوسجي 24 نومبر 2012ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ اردشير ڪائوسجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.04.13  عيسوي

اردشير ڪائوسجي نامور صحافي ۽ واپاري شخصيت آهي. ڪراچيءَ جي هڪ قديم، معزز پارسي خاندان ۾ 13 اپريل 1926ع تي ڄائو.


2012.11.24  عيسوي

اردشير ڪائوسجي 24 نومبر 2012ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم فضل محمد
رسول بخش خان گبول
سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
رامچندر ڀڳوانداس رهيجا
آغا نورمحمد پٺاڻ
جهانگيرڪرامت
جانڪي ديوي ٿانواڻي
ڌڻي بخش ميمڻ
شاهنواز ٻرڙو ڊاڪٽر
ڀٽي نظام الدين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون